آفتاب احمد ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ: ناميارو ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ، 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر جنم ورتو. هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ لکڻ جو آغاز ’خادم وطن‘ اخبار ۾ لکڻ سان ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪاليج مئگزين ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ سان گڏ مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. 1963ع ۾ پيٽارو مان پاس آئوٽ ڪرڻ بعد مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري 1973ع ۾ ورتائين. 1981ع ۾ ايل. ايل. بي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ پبلڪ ايڊمسٽريشن، بزنيس ايڊمنسٽريشن ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ ڊپلوما ڪرڻ بعد پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1979ع ۾ سي. ايس. ايس جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ ڊي. ايم. جي گروپ ۾ نوڪري ڪيائين. ڪجهه وقت پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ۾ جي سانگهڙ، نوابشاهه، دادو ۽ ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. پاڻ سنڌ حڪومت ۾، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، ايگريڪلچر، انفارميشن ۽ وومين ڊيولپمينٽ جي ادارن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. آفتاب احمد 1972ع ۾ پهريائين ‘شاگرد’ ۽ پوءِ ‘پرهه ڦٽي’ جي نالي سان رسالا نذير عباسيءَ سان گڏ ڪڍيا جن جا ٽي پرچا ڇپيا ته رسالي تي پابندي پئجي وئي. ‘کاهوڙي کجي’ جي سري سان 1989ع ۾ ‘عوامي آواز’ ۾، ‘هڙڪ هلو ۽ نيٺ ته ڊهندي’ جي سري سان ‘سوڀ’ ۾ ڪالم لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘هر پل صليب تي’ (2010ع)، ‘نيل نديءَ ڪناري’ (2011ع)، (3) ‘نيٺ ته ڊهندي’ (2012ع)، ۽ (4) ‘قابل رحم قوم’ (اردو: 2014ع) ۾ شايع ٿيا آهن. سندس ڪتاب ‘نيل نديءَ ڪناري’ کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران بهترين سفرنامي جو اوارڊ ڏنو ويو.


لفظ آفتاب احمد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.06.19  عيسوي

ناميارو ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ، 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالسلام چاچڙ
مدد علي سنڌي
سنڌو ميراڻي
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
صبا دشتياري
قلندر شاهه لڪياري
رانجهن ماسٽر رانجهن
علي اظهار
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
آگرو غلام رباني
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون